ڪشمور ۾ شراب جو عام وڪرو ۽ واهپو
ضلعو ڪشمور جن اهم مسئلن ۾ گهريل آهي، تن ۾ اهم مسئلو سر عام شراب جو وڪرو آهي، جيڪو پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ آهي. هر هنڌ موالين جا هجوم آهن، هر گهٽيءَ ۾ موالين جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. موالي نشي ۾ ڌت ٿيڻ کانپوءِ اخلاق ۽ انسانيت جون سڀ حدون اورانگهي ويندا آهن. وس وارن کان پرزور مطالبو ٿو ڪجي ته ڪشمور ۾ پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ شراب جو وڪرو روڪرايو وڃي.
No comments:
Post a Comment