Condemnation of Increase in Medicine price - Son of Kashmore - Sindhi

دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو وڃي!
پرڏيهي ڪمپنين جي دوائن ۾ 20 ۽ ڏيهي ڪمپنين جي دوائن ۾ 100 سيڪڙي تائين اضافو ٿي ويو آهي. ڏٺو وڃي ته سرڪار پاران هڪ پاسي دوائن جي اگهن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ، بهتر پاليسيون نه هجڻ ۽ ڊاڪٽرن کي ملندڙ مهانگن تحفن سبب مسيحائي پيشو هڪ مافيا بڻجي ويو آهي. پاڪستان جو نالو دوائن جي وڌيڪ وڪري وارن 10 ملڪن ۾ شامل آهي. ملڪ ۾ 20 هزار فارمولا رجسٽرڊ ٿيا آهن. 50 هزار رجسٽرڊ دوائون ٺهڻ باوجود غير ملڪي ۽ معياري دوائن جي قيمتن ۾ 15 کان 20 جڏهن ته مقامي دوا ساز ڪمپنين جي دوائن جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙي تائين اضافو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ننڍڙن معصوم ٻارن جي خوراڪ لاءِ ڪتب ايندڙ دٻي واري کير جي قيمت ۾ 15 ڏينهن اندر 15 روپيا اضافو ٿي چڪو آهي. ڀارت ۾ 90 پئسن ۾ ملندڙ هڪ بيماري جي گوري جو هتي ملهه 9 رپيا آهي. ڀارت ۾ 13 روپين واريءَ هڪ ٻي گوري جو اگهه هتي 105 رپيا ۽ 3 پئسن جي سوڊيم فارمولي واري گوري هتي 10 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته دوائن جي بليڪ مارڪيٽنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قانون سازي ڪرڻ کان علاوه انسان دشمن عمل ۾ ملوث دوا ساز ڪمپنين ۽ ڊاڪٽرن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment