سنڌ ۾ 4 لک اسڪولي شاگردن جي 4 مھينن کان پڙھائي بند، فرنيچر ٻارڻ طور ساڙيو ويو، 24 اربن جو نقصان ظاھر
حيدرآباد (رپورٽ:ستار ملڪ) سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب 10537 اسڪولن جي 4 لک 60 ھزار ٻارن لاءِ تدريسي عمل 4 مھينن کان بند آھي، تعليم کاتي جي اختيارين اميد ظاھر ڪئي آھي ته 15 آڪٽوبر تائين ڪئمپون بڻيل 2784 مان 50 سيڪڙو اسڪول ڪئمپن کان آجا ٿي ويندا، جڏھن ته پاڻي گھٽجڻ بعد باقي 7753 متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي جو ڪم به شروع ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪالهه سرڪٽ ھائوس ۾ سنڌ جي سمورن اي ڊي اوز جو ھڪ اھم اجلاس سيڪريٽري تعليم علم الدين بلو جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ سمورن اي ڊي اوز علائقن ۾ ٿيل تباھي خاص ڪري اسڪولن جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ۽ بحالي لاءِ تجويزون ڏنيون، ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 7753 اسڪول متاثر ٿيا، جڏھن ته 2784 اسڪولن ۾ ڪئمپون قائم آھن، جنھن سبب تدريسي عمل بند آھي، جنھن سان 4 لک 60 ھزار ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آھي، ھن چيو ته ڄامشورو، دادو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين جو انگ انھن انگ اکرن کان ڌار آھي، ڇاڪاڻ اتان اڃا تائين انگ اکر اچي رھيا آھن، ھن ٻڌايو ته 7753 مان 193 اسڪول مڪمل طور تباهه ٿي ويا آھن، ھن چيو ته اسان جي ڪوشش آھي ته خانگي اسڪولن جي عمارت ۾ متاثر ٿيل اسڪولن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيون، ان لاءِ 60 خانگي اسڪولن ۾ ھن وقت تائين تدريسي عمل شروع ڪيو ويو آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته 18 ھين ترميم بعد ھاڻ ڪريڪيولم، پاليسي ۽ ڪجهه ٻيا اختيار صوبن کي ملي ويندا، جنھن بعد اسان نصاب جي تبديلي لاءِ ڪوششون ڪنداسين، ھن چيو ته ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ٿيو آھي، ھوڏانھن تعليم کاتي جي اختيارين 4 مھينا تدريسي عمل بند رھڻ سبب تعليمي بورڊن کي امتحانن ۾ ڪورس گھٽ ڏيڻ جي سفارش ڪئي آھي، سيڪريٽري ايجوڪيشن علم الدين بلو ٻڌايو ته اسان اھڙي سفارش تيار ڪئي آھي جيڪا بورڊن ڏانھن اماڻي ويندي، ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آھي، ازالي لاءِ کين امتحانن ۾ به گھٽ ڪورس ڏنو وڃي ته جيئن اھي آساني سان امتحان ڏئي سگھن، تعليم کاتي جي ذريعن موجب سنڌ ۾ ٻوڏ کان اڳ تعليم کاتي جي اختيارين سمورن اي ڊي اوز کي ھدايتون جاري ڪيون ته ڪچي جي اسڪولن جو فرنيچر پڪي جي محفوظ ھنڌن ۽ امڪاني ڪئمپون بڻجڻ وارن اسڪولن جو فرنيچر ادارن جي 2 ڪلاس رومن ۾ محفوظ ڪيو وڃي، جنھن تي سنڌ ۾ ڪٿي به عمل نه ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ تعليم کاتي جي اختيارين ساڍا 24 ارب رپين جو نقصان ظاھر ڪري ڇڏيو آھي، سيڪريٽري ايجوڪيشن علم الدين بلو ٻڌايو ته اھو نقصان رڳو عمارتن ۽ فرنيچر جو لڳايو ويو آھي، ھن چيو ته شروع ۾ ٻوڏ متاثرن عملي سان ڪو تعاون نه ڪيو، اسڪولن مان فرنيچر ڪڍي ٻارڻ طور ڪم آندو ويو، جنھن سبب وڏو نقصان ٿيو آھي.
No comments:
Post a Comment