سنڌ سرڪار پاران مڪيش چاولا خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ واري صلاحڪارجميل احمد سومرو چيو آهي ته ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪش ڪمار چاولا جي مبينا طور جعلي تعليمي ڊگرين جي سامهون آيل اسڪينڊل تي سنڌ حڪومت يا پيپلزپارٽي جي قيادت کي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪري جڏهن صوبائي صلاحڪار کان صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي جعلي تعليمي ڊگرين واري سامهون آيل اسڪينڊل بابت سنڌ حڪومت جو موقف معلوم ڪيو ويو ته جميل احمد سومرو چيو ته اهو ڪو نئون معاملو ڪونهي، پهريان ئي هاير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) پارليامينٽ ميمبرن جي ڊگرين جي تصديق ڪري رهي آهي، عدالت جي حڪم تي ٿيندڙ انهي مشق جي نتيجي ۾ جن به اسيمبلي ميمبرن جون تعليمي ڊگريون ثابت ٿيون، اهي سامهون اچي وينديون، جيڪڏهن مڪيش ڪمار چاولا جون تعليمي ڊگريون به جعلي هونديون ته هيڪ جي مشق جي نتيجي ۾ انهن جي اصليت پڻ ظاهر ٿي پوندي، هن چيو ته ان ڪري هو سمجهي ٿو ته انهي معاملي تي سنڌ حڪومت کي ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، هن چيو ته مڪيش ڪمار چاولا سنڌ ڪابينا جي ميمبر هجڻ سان گڏ عوام جو چونڊيل نمائندو پڻ آهي ۽ هو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سندس ڊگريون اصلي آهن ته پوءِ هن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ جو ڪو به جواز نه ٿو ملي.
No comments:
Post a Comment