ڳوٺاڻن جي وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت مظاهرو
ڪنڌڪوٽ : ڪشمور پوليس جي حد مان اغوا ٿيل ٽن ڳوٺاڻن صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي جي بازيابي لاءِ سندن وارثن شاهنواز جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڊي پي او آفيس ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته پوليس ڌاڙيلن جي ٽولي جي خبر هئڻ باوجود ڪارروائي نه ٿي ڪري، هنن چيو ته ڌاڙيلن جا روزانو ڀنگ لاءِ فون اچن ٿا ۽ هٿياربندن جا ساٿي اسان جي گهرن تي اچي ڌمڪيون ڏين ٿا، هنن چيو ته ڌاڙيل سلطو شر جي ڌمڪين جي خوف کان حاجي خان شر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٿاڻي تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، هنن چيو ته ڳوٺاڻن کي اغوا ڪرائڻ ۾ جوابدار لکمير ۽ نظير ملوث آهن پر پوليس انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، بعد ۾ ڊي پي او اسد رضا شاهه مظاهرين سان ملاقات ڪري خاطري ڪرائي ته يرغمالين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.
No comments:
Post a Comment