Letter of Pawan Kumar - Law and Order Sitauation in Kashmore - Sindhi

معصوم ڌيرج ڪمار جو اغوا ۽ سنڌ جو امن امان
11 سيپٽمبر تي، عيد جي ڏينهن صبح جو 7:45 منٽن تي معصوم ڌيرج پنهنجي گهر ٻاهران راند ڪري رهيو هو ته ڪجهه نامعلوم هٿياربندن موٽر سائيڪل تي کيس اغوا ڪري ويا. 15 سيپٽمبر تي هڪ ٻيو ٻار معاذ پٺاڻ ڪشمور مان  اغوا ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ٻارن جو اغوا ٿيڻ هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. ٻار ته مستقبل  جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. جتي مستقبل اغوا ٿيندا آهن، اتي ماتم ڪرڻ لاءِ باقي ٻي ڪهڙي شئي ٿي بچي! معصوم ڌيرج کي ته اڃان وسيع زندگي جيئڻي آهي، هن کي ته اڃان گهر جي اڱڻ ۾ کيڏڻو آهي، مٽيءَ جا ڪچا گهر ٺاهڻا آهن، هڪ جيترن سان رلڻو ملڻو آهي. معصوم ڌيرج جا والدين پنهنجي معصوم پٽ جي واپسي جي اميد ۾ روز جيئن ۽ مرن ٿا. ان جي واپسيءَ کي ممڪن بنائڻ لاءِ اثر رسوخ رکندڙ شخصيت جي چائنٺ تي منٿون ۽ آهون ڪن ٿا، محض ان اميد سان ته انهن وٽان ڪو حيلو وسيلو نڪري پوي. معصوم ڌيرج جي گهر ۾ روڄ راڙو ۽ سوڳ وارو ماحول آهي. سندس والدين ۽ گهر ڀاتين ۾ خوف سان گڏو گڏ ڏک به نظر اچي رهيو آهي. هن جي ماءُ  کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي. هر ماڻهوءَ جي زبان تي اها ئي ڳالهه آهي ته پوليس کي سڀ خبر آهي ته ڏوهاري ڪير آهن ۽ بيگناهه ڪير آهن پر پوليس کاتي ۾ شامل ڪرپٽ ماڻهو نوڙيءَ مان نانگ ٺاهين ٿا، ڏوهارين کي بيگناهه ۽ بيگناهه کي ڏوهاري بڻائڻ وارو وڏو فن رکن ٿا. اهي نٿا چاهين ته سنڌ ۾ امن ٿئي ۽ ڏوهه ختم ٿين. ٻئي پاسي چونڊيل نمائندا صرف پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ پورا آهن. انهن کي بهتر سيڪيورٽي ملي ٿي، شايد تنهنڪري ئي هو ٻين کي به محفوظ سمجهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر انهن ڪڏهن ٻارن جي اغوا جي معاملي تي ڪڏهن اسيمبليءَ ۾ آواز به ناهي اٿاريو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي اليڪشني جلسن ۾ تقريرن ۾ چوندي هئي ته، ملڪ جي اقليتن کي هر قسم جو تحفظ ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اتر سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال آهي ته ان کي پ پ حڪومت چئلينج سمجهي ان کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڪم ڪيو ته ماڻهو ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي ويندا. سنڌ جي گهرو کاتي جي صوبائي وزير کي گذارش آهي ته، ڌيرج ڪمار کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن.
پون ڪمار منڌاڻ/ڪنڌڪوٽ

No comments:

Post a Comment