ڪنڌڪوٽ ۾ ماني پچائڻ ۾ دير ڪرڻ تان ڏير هٿان ڀاڄائي قتل
ڪنڌڪوٽ(ن ڪ) ڪنڌڪوٽ ويجهو ماني پچائڻ ۾ دير ڪرڻ تان ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، ڪنڌڪوٽ ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺل سهرياڻي ۾ ماني پچائڻ ۾ دير ڪرڻ تي جوابدار پير بخش عرف پپو ملڪ ۾ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائي 22 سالن جي آمنه ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، حد جي پوليس قتل ٿيل عورت جي پيءَ محب علي ملڪ جي فرياد تي جوابدار پير بخش عرف پپو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عورت جو لاش ڪنڌڪوٽ آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment