صوبائي وزير مڪيش چاولا ۽ هڪ بئنڪ آفيسر جا سرٽيفڪيٽ ساڳيا
ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان هڪ دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ هڪ جهڙائي سبب ماڻهن کي وڏي حيرت ٿي آهي، سنڌ جي تعليمي شعبي ۾ شايد اهو واحد مثال هجي ته هڪ نالي وارن ٻن شخصيتن وٽ ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جا هڪ ئي نمبر ۽ هڪ سال دوران امتحان پاس ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ موجود آهن جڏهن ته ٻنهي شخصيتن جي اها دعويٰ آهي ته وٽن موجود سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون حقيقي آهن ۽ انهن طرفان ڪابه جعلسازي نه ڪئي وئي آهي انهن شخصيتن مان هڪ شخصيت هن وقت سنڌ اسيمبلي جي اقليتن واري خاص سيٽ تي چونڊيل پيپلزپارٽي ميمبر ۽ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي آهي ۽ ٻي شخصيت ڪراچي جي هڪ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ مڪيش بنساري جي آهي ،ان حوالي سان ”ڪاوش“ کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب 1974ع ۾ جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيل مڪيش ڪمار چاولا پٽ ڀڳوان داس چاولا ۽ 1980ع ۾ ٺٽي ضلعي جي سجاول شهر ۾ پيدا ٿيل مڪيشن ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري جا ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جا تعليمي سرٽيفڪيٽ هڪ جهڙن سيٽ نمبرن سان جاري ٿيل آهن. نيشنل ڊيٽا بئس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي رڪارڊ موجب قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 42301-2285411-5 رکندڙ مڪيش ڪمار چاولا پٽ ڀڳوان داس چاولا 27 فيبروري 1974 ع ۾ پيدا ٿيو. سندس مستقل پتو جيڪب آباد جو لکيل آهي، جڏهن ته هاڻوڪو پتو 19/2 اسٽريٽ نمبر 15 خيابان شاهين ڊي ايڇ اي فيز 5 ڪراچي ڏکڻ آهي. هن صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ لاءِ 2007ع ۾ اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايل پنهنجي تعليمي ڊگرين ۾ ٻڌايو آهي ته مڪيش ڪمار چاولا پٽ ڀڳوان داس چاولا بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جو 1996ع وارو ميٽرڪ جو امتحان ٺٽي ضلعي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيو. ان امتحان ۾ سندس سيٽ نمبر 134515 هو. سائنس گروپ وارو اهو امتحان هن سي گريڊ ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ حيدرآباد بورڊ جي پري ميڊيڪل گروپ جو انٽر جو امتحان 1998ع ۾ ٺٽي ضلعي جي گورنمينٽ ڪاليج سجاول مان پاس ڪيائين. امتحان لاءِ هن کي سيٽ نمبر 103851 مليو. کيس انهي امتحان ۾ به سي گريڊ مليو. هن جا اليڪشن ڪميشن وٽ انهن ٻنهي امتحانن جا جمع ڪرايل پڪا سرٽيفڪيٽ پهرين ڊسمبر 2007ع تي حيدرآباد بورڊ مان جاري ٿيل آهن. انهن سرٽيفڪيٽن جي جمع ٿيڻ جي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي اسسٽنٽ اليڪشن ڪمشنر عطاءُ الرحمان پڻ تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف نادرا جي رڪارڊ موجب سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 3-4608480-41408 رکندڙ مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري 22 فيبروري 1980ع ۾ ٺٽي ضلعي جي سجاول وارڊ نمبر 7 نارو مل محلي ۾ جنم ورتو. سندس مستقل پتو نارو مل محلو سجاول آهي. رڪارڊ موجب هن جو هاڻوڪو پتو ڊائمنڊ گارڊن، گارڊن ايسٽ D-6 فليٽ ڪراچي ڏکڻ آهي. مڪيش ڪمار بنساري هن وقت ڪراچي ۾ هڪ خانگي بئنڪ ۾ گريڊ ٽو جي آفيسر جي عهدي تي نوڪري ڪري رهيو آهي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول جي هيڊ ماستر ۽ بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي تصديق سان جاري ٿيل سرٽيفڪيٽن موجب 1980ع ۾ ڄاول مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس ذات بنساري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري سنڌي اسڪول سجاول مان حاصل ڪئي. هن هاءِ اسڪول ۾ 3 آگسٽ 1991ع تي داخلا ورتي ۽ 1996ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان سائنس گروپ ۾ سيٽ نمبر 134515 سان سي گريڊ ۾ پاس ڪيو. کيس ان امتحان جو اصل ۽ پڪو سرٽيفڪيٽ 16 آگسٽ 1996ع ۾ جاري ڪيو ويو. سرٽيفڪيٽ ۾ هن جو جنرل رجسٽريشن نمبر 5084 ڄاڻايل آهي، حيدرآباد بورڊ جي رڪارڊ موجب ٺٽي ضلعي جي گورنمينٽ بوائز ڪاليج سجاول ۾ ريگيولر شاگرد طور پڙهندڙ مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري بورڊ جي پري ميڊيڪل گروپ جو 1998ع وارو انٽرميڊئيٽ وارو امتحان سيٽ نمبر 103851 ذريعي سي گريڊ ۾ پاس ڪيو. يونيورسٽي آف سنڌ جي رڪارڊ موجب مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري بئچلر آف آرٽس (بي اي) جو سال 2000ع وارو امتحان رول نمبر 10444هيٺ پاس ڪيو. ان امتحان جي نتيجي جو اعلان 10 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيو. 3 سيپٽمبر 2004ع تي بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي انتظاميا جي صحيحن ۽ مهرن سان سنڌ يونيورسٽي کي جاري ٿيل هڪ خط ۾ يونيورسٽي انتظاميا کي ٻڌايو ويو ته مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس چاولا بورڊ انتظاميا کي درخواست ڏني آهي ته هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول ذريعي 1996ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ۽ گورنمينٽ بوائز ڪاليج سجاول ذريعي 1998ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو آهي ته غلطي سان هن جي تعليمي ڊگرين ۾ سندس ذات چاولا بدران بنساري لکجي وئي آهي، ان ڪري قانون موجب سندس سڀني تعليمي سرٽيفڪيٽن ۾ ضروري تبديلي ڪري مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري بدران مڪيش ڪمار چاولا پٽ ڀڳوان داس چاولا لکيو وڃي. 6 آگسٽ 2005ع تي سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري ڊپٽي ڪنٽرولر هڪ ليٽر نمبر جاري ڪري يونيورسٽي جي امتحانن واري اسسٽنٽ ڪنٽرولر کي ٻڌايو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مڪيش ڪمار چاولا پٽ ڀڳوان داس چاولا جي درخواست منظور ڪندي سال 2000ع ۾ رول نمبر 10444 هيٺ بي اي پارٽ ٽو جو امتحان پاس ڪندڙ مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساري جي سرٽيفڪيٽن جي نالن ۾ ضروري تبديلي ڪري مڪيش ڪمار چاولا لکيو وڃي. اهڙي طرح سان 1980ع ۾ مڪيش ڪمار بنساري جي ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جي امتحانن جا سرٽيفڪيٽ 1974ع ۾ ڄاول مڪيش ڪمار چاولا جي نالي چڙهي ويا.
No comments:
Post a Comment