قبيلائي جهيڙن جي خاتمي ۽ سنڌ جي خوشحالي جا خواب
ڌاڙيل راڄ لاقانونيت ۽ قبائلي تڪرارن ڪارو ڪاري رسم سڄي سنڌ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي روزانو هر اخبار ۾ ڪيترن ئي شهرن مان قتل جون خبرون نمايان هونديون، اهڙي صورتحال ڪري سنڌ ۾ سک جو ساهه ته ڇا پر ترقي جو ڦيٿو ئي رڪجي ويو آهي، هن وقت به سڄي سنڌ ۾ 200 کان وڌيڪ مختلف برادرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن ان تڪرارن سبب هزارين انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ اڃا به ٿي رهيون آهن حقيقت ۾ جيڪڏهن ٻين سڀني شين کي ڇڏي صرف سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن تي نظر وجهون ته انهن خوني تڪرارن سبب نه صرف هزارين انساني زندگيون ڳڙڪايون پر سڄي سنڌ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي انهن برادري تڪرارن علائقن ۾ بدامني کي پڻ هٿي ڏني آهي ڇوته ڏوهاري جهيڙيندڙ ڌرين وٽ اچي وڏو عيش ڪري انهن جي نه رڳو ونگارون وهن ٿا پر اهي علائقي ۾ اغوا ڦرون ڌاڙا سرعام هڻن ٿا جنهنڪري ڪاروبار ثقافتي ۽ ٻيون سرگرميون ختم ٿي وڃن ٿيون، قبائلي تڪرار ۾ وڏيرا، ڏوهاري ۽ پوليس ان جو ڀرپور فائدو کڻن ٿا، جڏهن ته خوني تڪرارن سبب زمينون بنجر بڻجي وڃن ٿيون ۽ هزارين ايڪڙ زمينون غير آباد بڻجي ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ترقي جو ڦيٿو رڪيل هجي ٿو انهن قبائلي تڪرارن کي جيڪڏهن ڏسبو ته اهي ڪارو ڪاري، زمين جي ٽڪرن، ٻارن جي ڳالهين ۽ ٻين ننڍين ننڍين ڳالهين تان شروع ٿين ٿا ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته خوني جيهڙا جاگيردارن ۽ وڏيرن جي هشي سان ٿين ٿا، اهڙي ريت 13 سالن کان خيرپور ضلعي جي سائدي واري علائقي ۾ گهمرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تان خوني تڪرار هلندڙ هو جنهن ۾ هيل تائين پرويز احمد، گنور خان، پنڃل خان گهمرو، عبدالڪريم، علي نواز گهمرو ۽ سندن دوست نياز لوهر جون 6 انمول زندگيون ختم ٿي ويون ۽ علائقي ۾ هر وقت بدامني جي باهه ڀڙڪا ڏيندي رهي ” پر دير آيد درست آيد“ واري مثال جيان ڌرين ۾ سنڌي ماڻهو بهادر مهمانواز ۽ معاف ڪرڻ واري مثال کي ورجائيندي خيرپور ضلعي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميڙ منٿ ٿي آيل پاڪ ڪتاب، معصوم نياڻين ۽ چڱن مڙسن کي زبردست موٽ ڏيندي پنهنجي پيارن مائٽن جا خون هڪٻئي کي بخش ڪري ڇڏيا آهن ۽ غير مشروط طور سڀ ڪجهه وساري کير کنڊ ٿي ويا آهن ڌرين جي اهڙي فيصلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اهي سنڌي ماڻهو جيڪي ماضي ۾ هڪ ٻئي جي رت وهائڻ بدران مهمانواز رحمدل ۽ معاف ڪرڻ واري قوم طور ڄاتا ويندا هئا، انهي روايت کي قائم رکندي سڄي سنڌ ۾ گهمرا برادري جي محبوب ۽ نذير گهمرو وانگر بخش ڪرڻ وارو عمل سنڌ جي ٻين جيهڙيندڙ برادرين ڏانهن پيغام آهي ته معمولي ڳالهين تي پنهنجا رت جا رشتا واسطيداريون دوستيون وڃائي بيگناهه امڙن جون جهوليون ونين جا ور، ڀينرن کان موڀي ڀائر کسڻ هاڻ ختم ڪري محبوب گهمرو ۽ نذير گهمرو جهڙو مظاهرو ڪيو وڃي ته سنڌ مان رت جي راند ختم ڪري سنڌ کي هڪ دفعو خوشحال ۽ سر سبز بڻائڻ جو خواب پورو ڪريون.
No comments:
Post a Comment