مڪيش ڪمار چاولا جون ڊگريون جعلي آهن:حيدرآباد تعليمي بورڊ
ڪراچي: حيدرآباد تعليمي بورڊ جي انتظاميا مڪيش ڪمار چاولا جي تعليمي ڊگرين کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته حيدرآباد بورڊ جي جنهن خط جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا مڪيش ڪمار بنساري جي بي اي جي ڊگري جي سرٽيفڪيٽن ۾ نالن ۽ ذات جي تبديلي ڪري مڪيشن ڪمار پٽ ڀڳوان داس چاولا لکي ڇڏيو آهي اهو خط ئي جعلي آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سال 2008ع واري اليڪشن ٽربيونل صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ مڪيش ڪمار چاولا خلاف داخل ٿيل اليڪشن پٽيشن جي ڏنل فيصلي ۾ اهو پڻ ٻڌايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر ۽ بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر کي پڻ عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو. يونيورسٽي جي ڪنٽرولر مڪيش ڪمار چاولا کي بي اي جي ڊگريءَ واري سرٽيفڪيٽ جي جاري ڪيل نقل (Duplicate) ڪاپيءَ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته اها نقل ڪاپي بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد پاران امتحان ڏيندڙ اميدوار جي نالي ۾ درستگيءَ لاءِ يونيورسٽي کي لکيل خط جي بنياد تي اميدوار جي نالي کي درست ڪري (يعني بنساريءَ جي جاءِ تي چاولا لکي) جاري ڪئي وئي آهي، پر اليڪشن ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته حيدرآباد بورڊ جي جنهن خط جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا مڪيش ڪمار بنساريءَ جي بي اي جي ڊگري سرٽيفڪيٽن ۾ درستگي ڪري مڪيش ڪمار چاولا لکي ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿيل حيدرآباد تعليمي بورڊ جي امتحانن واري ڪنٽرولر ان خط کي ئي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو. هن عدالت کي بورڊ جي رڪارڊ جو اصل آئوٽ ورڊ داخلا رجسٽر ڏيکاريندي ٻڌايو ته نالي جي درستگيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ کي لکيل جنهن خط جو عدالت ۾ ذڪر ڪيو ٿو وڃي، اهڙو خط بورڊ مان جاري ئي نه ٿيو آهي، پر ان خط ۾ بورڊ جي داخلا رجسٽر جو لکيل نمبر پڻ اصل ۾ بورڊ مان جاري ٿيل ڪنهن ٻئي معاملي واري ٻئي خط جو آهي، جيڪو جعلسازي ڪري يونيورسٽيءَ کي لکيل ڪوڙي خط ۾ لکيو ويو آهي. هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته مڪيش ڪمار چاولا نالي اميدوار بورڊ جي مٿي ڄاڻايل ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ ويٺو ئي ناهي ۽ انهن سيٽ نمبرن سان امتحان پاس ڪندڙ اميدوار مڪيش ڪمار بنساريءَ کي بورڊ پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽن ۾ جعلسازي ڪري بنساريءَ جي جاءِ تي چاولا لفظ لکيو ويو آهي، هن عدالت کي ٻڌايو ته حيدرآباد تعليمي بورڊ نه پنهنجي رڪارڊ ۾ اميدوار جي نالي ۾ ڪا درستگي ڪري بنساريءَ جي جاءِ تي چاولا لکيو آهي ۽ نه ئي يونيورسٽيءَ کي اهڙي درستگيءَ لاءِ ڪو خط لکيو آهي.
No comments:
Post a Comment