منهنجون تعليمي ڊگريون جعلي ناهن: صوبائي وزير مڪيش چاولا
ڪراچي: ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هن جون تعليمي ڊگريون جعلي ناهن ۽ هن پنهنجي اصل تعليمي ڊگرين جي بنياد تي ٻه ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو آهي ۽ ڪامياب ٿيو آهي، ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪو اعتراض آهي ته عدالتن جا در کليل آهن. اهو عدالت ۾ وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته 2002ع وارين چونڊن ۾ پڻ هن انهن ئي تعليمي ڊگرين جي بنياد تي حصو ورتو، ان وقت به هن جي تعليمي ڊگرين کي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪيو ويو هو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر هن جي تعليمي ڊگرين جي رڪارڊ جي مڪمل جاچ ڪرائي هئي. ان جاچ جي نتيجي ۾ هن جي ڊگرين کي درست قرار ڏنو ويو. هن چيو ته 2008ع وارين چونڊن ۾ حصو وٺڻ وقت پڻ هن جي نامزدگي فارم کي ڪن ماڻهن اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو پر اها درخواست پڻ عدالت رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته هن جا سياسي مخالف پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ بار بار سندس ڊگرين جو مسئلو اٿاري رهيا آهن. هن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان 1974ع ۾ جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيا ۽ اوهان جو ٻيو گهر ڪراچي ۾ آهي پر اوهان ٺٽي ضلعي جي ننڍڙي شهر سجاول ۾ وڃي ڪيئن تعليم حاصل ڪئي. هن وراڻيو ته منهنجو چاچو ارجن داس چاولا ٺٽي ۾ رهندو آهي، هن جو سجاول ۽ بدين ۾ به ڪاروبار آهي ۽ ننڍي هوندي کان پنهنجي چاچي جي گهڻو ويجهو رهيو آهيان ان ڪري سجاول ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان 1974ع ۾ پيدا ٿيا ۽ ميٽرڪ جو امتحان 22 سالن کانپوءِ 1996ع ۾ پاس ڪيو جڏهن ته عام طور تي اسان جي ڳوٺن ۾ ٻار 6 سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ٿين ٿا ۽ 16 سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ پاس ڪن ٿا، اوهان 1974ع ۾ پيدا ٿيا ۽ پرائمري اسڪول ۾ 12 سالن کانپوءِ 1986ع ۾ داخلا ڪيئن ورتي. هن وراڻيو ته پهريان مان ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ وري سجاول ۾ ٻيهر پرائمريءَ ۾ داخلا ورتي. هن کان سوال ڪيو ويو ته ڏهين جماعت ۾ اوهان جو ڪلاس ٽيچر ڪير هو. هن چيو مونکي هاڻي ڪلاس ٽيچرن جا نالا ياد ناهن رهيا. هن کان ٻيو سوال ڪيو ويو ته اوهان چاولا مان بنساري ڪيئن ٿي ويا جو ميٽرڪ ۽ انٽر ۽ بي اي جي سرٽيفڪيٽن ۾ اوهان جي ذات بنساري لکجي وئي، جو بعد ۾ اوهان درستگي ڪرائي چاولا لکرايو. هن وراڻيو ته اصل ۾ منهنجي والد ڀڳوان داس چاولا کي بنساري به چوندا هئا. هنديءَ ۾ بنساريءَ جي معنيٰ آهي ڪاروباري، جيئن ته اسان ڪاروباري ماڻهو آهيون، ان ڪري والد صاحب کي ڀڳوان داس چاولا بنساري به چوندا هئا. ان ڪري منهنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي سرٽيفڪيٽن ۾ به اهو لکجي ويو هو. هن کان سوال ڪيو ويو ته مڪيش ڪمار بنساري نالي هڪ شخص مقامي بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وٽ به اوهان جي سيٽ نمبر وارا تعليمي سرٽيفڪيٽ آهن. اوهان ٻڌايو ته ڪنهن جا سرٽيفڪيٽ اصل آهن. هن وراڻيو ته مان ڪنهن ٻئي بنساريءَ کي نٿو سڃاڻان پر منهنجا سرٽيفڪيٽ اصل آهن.
ڪير جعلسازي ڪري منھنجا تعليمي سرٽيفڪيٽ استعمال ڪري رھيو آھي ته مون کي خبر ناھي، مڪيش چاولا کي نٿو سڃاڻان، ميرٽ تي بئنڪ ۾ نوڪري ورتي آھي:مڪيش بنساري
ڪراچي: عسڪري بئنڪ آءِ آءِ چندريگر روڊ ۾ نوڪري ڪندڙ مڪيش ڪمار پٽ ڀڳوان داس بنساريءَ چيو آهي ته هن پنهنجي اصل تعليمي ڊگري سرٽيفڪيٽن جي بنياد تي بئنڪ ۾ نوڪري ورتي آهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو جعلسازي ڪري هن جي تعليمي سرٽيفڪيٽن کي استعمال ڪري رهيو آهي ته ان جي هن کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي. ”ڪاوش“ پاران فون تي رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته هو سجاول شهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ کيس عسڪري بئنڪ ۾ نوڪري ملي آهي ۽ هو هن وقت ڪراچيءَ جي گارڊن واري علائقي ۾ رهي ٿو. هن کي ٻڌايو ويو ته جن سيٽ نمبرن سان اوهان کي ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي پاس جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيل آهن، ساڳين سيٽ نمبرن سان صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا کي پڻ اهي ئي تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيل آهن ۽ هو به دعويٰ ٿو ڪري ته هو سجاول هاءِ اسڪول ۽ سجاول ڊگري ڪاليج ۾ ساڳن سالن ۾ ساڳين ڪلاسن ۾ پڙهيو آهي ۽ هن جي سرٽيفڪيٽن ۾ سندس ذات بنساري غلطيءَ سان لکجي وئي هئي، جيڪا هن هاڻي درست ڪرائي ورتي آهي، ڇا اوهان جا سرٽيفڪيٽ ته جعلي ناهن، جن جي بنياد تي اوهان بئنڪ ۾ نوڪري ورتي آهي. هن چيو ته منهنجا سرٽيفڪيٽ جعلي ناهن. اوهان کي ڪنهن به اداري کان ڪهڙي به تصديق ڪرائڻي آهي ته وڃي ڪرائي سگهو ٿا. مون کي ان جي ڪابه پريشاني ناهي، باقي مون کي ڪابه خبر ناهي ته ڪو ٻيو منهنجا سرٽيفڪيٽ استعمال ڪري رهيو آهي يا نه هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان کي بئنڪ ۾ اها نوڪري مڪيش ڪمار چاولا وٺرائي ڏني آهي؟ هن وراڻيو ته مان مڪيش ڪمار چاولا کي سڃاڻان ئي ڪونه ٿو ته هو مون کي نوڪري ڇو وٺرائي ڏيندو. مون کي نوڪري ميرٽ تي ملي آهي. هن ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ لاءِ ڪاوش سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته منهنجو ان معاملي سان ڪوبه تعلق ڪونهي، ان ڪري آئون ان جي وڌيڪ تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان.
No comments:
Post a Comment