Protest against NADRA Staff KAsndhkot demanding Bribe to issue Watan Card = Sindhi

ڪنڌڪوٽ ۾ وطن ڪارڊ لاءِ رشوت وٺڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو مظاهرو
ڪنڌڪوٽ ۾ وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل سينٽر ۾ عملي پاران ايجنٽن معرفت رشوت عيوض وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ابراهيم خاڪي ۽ غلام عباس باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو ته سينٽر انچارج 2 کان 3 هزار رپين ۾ ايجنٽن معرفت وطن ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي، رقم نه ڏيندڙ ٻوڏ متاثرن مٿان لٺبازي ڪئي وڃي ٿي، هنن گهر ڪئي ته سينٽر انچارج کي هٽائي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻئي طرف نادرا اختيارين عوامي شڪايتن تي سينٽر انچارج اڪبر کوسو کي هٽائي سندس جاءِ تي محسن ٻرڙو کي نئون انچارج مقرر ڪيو آهي.

1 comment:

  1. YOUR SAYING I CAN PROF IT THAT WATAN CARD TOKENS ARE SELLING BY NADRA STAFF AGENTS IN 5000 RUPEES.........

    ReplyDelete