ڪشمور مان اغوا ٿيل معصوم معاذ پٺاڻ بازياب ٿي ويو
ڪشمور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو محاذ پٺاڻ هٿياربندن وٽان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، 15 ڏينهن اڳ ڪشمور شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول ڀرسان نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي محاذ پٺاڻ کي ڊي پي او ڪشمور پنهنجي گاڏي تي کڻي ٿاڻي تي پهتو، ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي پي او ڪشمور اسد رضا شاهه ۽ ايس پي جاچ ڪشمور يار محمد رند دعويٰ ڪئي ته محاذ کي سنڌ-بلوچستان جي سرحدي پٽي وٽان هٿياربندن سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته ٻارڙي جي اغوا ۾ جکراڻي ۽ چاڪراڻي برادري جا هٿياربند ملوث آهن، ساجن جکراڻي ۽ چاڪراڻي برادري جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي پي او ڪشمور وڌيڪ ٻڌايوته اغوا ڪيل 3 مهاڻن کي ڪشمور نه پر پنجاب جي حدن مان اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻارڙي ڌيرج ڪمار جي بازيابي لاءِ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي، ان کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن بازياب ٿيل ٻارڙي جي پيءُ بابو پٺاڻ ٻڌايو ته محاذ کي اغوا ڪرڻ جي 6 ڏينهن بعد هٿياربندن فون ذريعي هڪ ڪروڙ ڀنگ گهريو هو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ کي ڪهي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، هن ٻڌايو ته ڪوبه ڀنگ ناهي ڀريو، پٽ جي بازيابي پوليس جي ڪوششن سان ٿي آهي.
No comments:
Post a Comment