Pakistan a victim of Weather War - Sindhi

ڪٿي اسين موسمي جنگين جو شڪار نه ٿي وڃون!
حڪومت جتي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ جتن پئي ڪري، اتي ان کي مصنوعي زلزلن ۽ ٻوڏ بابت به سائنسي تحقيق ڪرائڻ کپي. سوال اگر اهو کڻجي ته ڇا ترقي يافته ملڪ مصنوعي زلزلا پيدا ڪري سگهن ٿا؟ ڇا ڪڪرن تي ڪيميائي اسپري ڪري غير معمولي برسات آڻي سگهجي ٿي؟ ته ان جو جواب ”ها“ ۾ هوندو. انهن ملڪن وٽ اهڙي ٽيڪنالوجي موجود آهي جو اهي موسمن کي ڪنٽرول ۾ ڪري ٻئي ڪم ڪري سگهن ٿا. اڄ کان سئو سال پهرين موسمن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تجربا شروع ڪيا ويا هئا. 1903ع ۾ آمريڪا موسمن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تجربا شروع ڪيا. ۽ هڪ کاتو National center for atmospheric research وجود ۾ آيو هو. 3 آڪٽوبر 1970ع تي آمريڪي صدر نڪسن جي حڪم تي هڪ نئون کاتو National Oceanic and atmospheric     Administration  وجود ۾ آيو هو. آمريڪا موسمن کي قابو ڪري ان جو پهريون ڪامياب تجربو اڄ کان 45 سال اڳ آڪٽوبر 1966ع ۾ ”Se kong river valley“ جي آسمان جي خالي ڪڪرن کي ”Saturized“ ڪري 82 سيڪڙو ڪڪرن کي برسات جي قابل ڪري نو انچ برسات وسائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو. 45 سال گذرڻ کان پوءِ اها ٽيڪنالوجي تمام گهڻي ترقي ڪري وئي آهي، جنهن کي اڄڪلهه Haarp tec  چيو ٿو وڃي. ملڪ جي سائنسي ۽ دفاعي ماهرن کي هن ٽيڪنالوجي تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ کپي. ٻي صورت ۾ ائين نه ٿئي ته اسانWeather war (موسمي جنگين) جو شڪار نه ٿي وڃون.

No comments:

Post a Comment