ڪشمور لڳ فوجي گاڏي ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر تي حملا، راڪيٽ فائر:2 زخمي
ڪشمور ضلعي ۽ بلوچستان بارڊر تي هٿياربندن جا رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۽ قانون لاڳو ڪندڙن تي حملا، فائرنگ ، 2 راڪيٽ فائر 2 اهلڪار زخمي، رپورٽن موجب ڪنڌ ڪوٽ جي گيهل پور ٿاڻي جي حد ۾ ڪالهه رات هٿياربندن ڪي ڪي بند تي ٻوڏ جي حوالي سان قائم ڪيل رليف ڪئمپ تان ڪشمور ڇانوڻي موٽندڙ فوجي جوانن جي گاڏي تي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 2 فوجي اهلڪار مٿي ۽ سٿر وٽ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي ڪشمور جي ڇانوڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، انهي واردات بعد پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا، ٻئي طرف سنڌ-بلوچستان بارڊر تي شاهي واهه تي آر ڊي 109 تي واقع رينجرز هيڊ ڪوارٽر تي هٿياربندن 2 راڪيٽ فائر ڪيا، رينجرز اهلڪارن جي جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين ڪنهن نقصان بابت ڪا ڄاڻ ملي نه سگهي هئي.
No comments:
Post a Comment