Two Notorious Dacoits killed in Kashmore

بدامني جي باهه ۽ ٻن ڌاڙيلن جو موت
 معسود سومرو
ڪجهه وقت کان هٿياربندن تنگواڻي ۽ غوثپور جي علائقن ۾ ڦرلٽ جون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ غوثپور پوليس جي حد ڳوٺ حيات باجڪاڻي لڳ هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي جو امتياز ملڪ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ بعد هڪ ٻئي ڳوٺاڻي درياهه خان باجڪاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي ته ڳوٺاڻي مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو نوجوان عيدن باجڪاڻي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻن عورتن حفيظان گل خاتون، ارباب، حفيظ الله باجڪاڻي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد ڳوٺاڻا پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، ٻئي طرف اهڙو اطلاع ملڻ تي ايس پي او ڪنڌڪوٽ عبدالحق قريشي جي اڳواڻي ۾ پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي، اهڙي طرح پوليس ۽ ڳوٺاڻن هٿياربندن جو گهيرو تنگ ڪيو ته دولو واهه وٽ پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ٻيهر مقابلو ٿي پيو، اڌ ڪلاڪ جي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ بدنام ڌاڙيل شريف بنگوار ۽ غوث بخش چولياڻي مارجي ويا ۽ هڪ ڌاڙيل غلام نبي جعفري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 2 هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ايس پي جاچ ڪشمور مسرور احمد جتوئي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل شريف بنگوار معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ سميت ڦر، ڌاڙن، قتل ۽ پوليس مقابلي 19 سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، سندس گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت کي 10 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ٿيل آهي، هن ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل غوث بخش عرف اڏو عرف الهوڌايو چولياڻي ۽ زخمي ٿيل ڌاڙيل محمد اسماعيل عرف غلام نبي عرف سليمان جعفري پڻ 10 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل آهن، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي ساٿين پاران پلاند وٺڻ لاءِ پوليس ۽ ڳوٺاڻن مٿان حملا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن بعد پوليس علائقي ۾ گشت وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺاڻن جي حفاظت لاءِ پوليس چوڪيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف ڏوهارين پاران پوليس ۽ ڳوٺاڻن کي پلاند لاءِ ڌمڪيون ملڻ باوجود پوليس فرار ٿيل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن ڪري علائقي واري عدم تحفظ جو شڪار آهن.

No comments:

Post a Comment