برهمداغ نئين دهلي ويندو رهندو آهي،80 سيڪڙو ڀارتي فوج پاڪستاني سرحد تي آهي:مشرف
لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر (ر) جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، سڀ ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن، برهمداغ بگٽي نئين دهلي ويندو رهندو آهي ۽ ”را“ جا ايجنٽ کيس استعمال ڪندا آهن، هڪ ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ٻاهرين مداخلت کانسواءِ دهشتگردي ۾ واڌ نٿي اچي سگهي، هزارين ماڻهو ڪشميري مجاهدين جو رضاڪارانه طور ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهن ڪشميري مجاهدين کي عوام جي حمايت حاصل آهي، ڪشميري مجاهدين کي ڪنهن جي به طرفان تربيت ۽ حمايت جي ضرورت ناهي پرويز مشرف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج خلاف عالمي طور تي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، پاڪ فوج حڪومت جو هڪ ادارو آهي، پاڪستان سياچن جي موجوده حيثيت کي نٿو مڃي، ڀارت کي سياچن جي 1984ع واري حيثيت تسليم ڪرڻي پوندي، هن وڌيڪ چيو ته 80 سيڪڙو ڀارتي فوج پاڪستاني سرحد تي موجود آهي، سيڪيورٽي خدشا گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سرحدن تان ڀارت کي پنهنجي فوج واپس گهرائڻي پوندي، بينظير ڀٽو معاهدو ٽوڙي پاڪستان آئي، اين آر او سبب پاڪستاني سياست تي ناڪاره اثر پيا، شريف فيملي 10 سال پاڪستان واپس نه اچڻ واري معاهدي تي صحيح ڪري وئي هئي، اين ڊبليو پيٽرسن کي اين آر او بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، نوازشريف مون کي آرمي چيف بڻائڻ کانسواءِ ڪو به ٺيڪ ڪم ناهي ڪيو، نوازشريف ڪنهن به آرمي چيف سان خوش نه رهيو، نوازشريف جي پنهنجي دور جي صدر سان به اختلاف رهيا، نوازشريف جي دماغ ۾ ڪهڙو فتور آهي، ان بابت ڄاڻ ناهي، نوازشريف سزا ملڻ بعد سعودي بادشاهه سان ڳالهه ڪئي، سعودي بادشاهه نواز شريف کي سعودي عرب موڪلڻ جي درخواست ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير جي ڏيهه واپس اچڻ سبب نواز شريف کي واپس اچڻ جي اجازت ڏني، جيڪا شيءِ ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائڻ جهڙي ڳالهه مان نٿو ڪري سگهان، مون پنهنجي انٽرويو ۾ ائين چيو هو ته پاڪستان ۾ مجاهدين پنهنجي طور تي عوامي حمايت سان ڪشمير ۾ جنگ آزادي ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، جڏهن ته منهنجي دور ۾ جهادين کي ڪا به تربيت نه ڏني وئي هن وقت به لشڪر طيبه، جيش محمد ۽ حزب المجاهدين مريدڪي ۾ موجود آهن.
No comments:
Post a Comment