ائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد

قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي فهرست ۾ هن وقت تمام گهڻو مٿي آهي، قائد اعظم يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل شاگرد آساني سان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪري سگهن ٿا، انهيءَ اعليٰ تعليمي ادارن جو قيام جولاءِ 1967ع ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ ٿيو، هن يونيورسٽي ۾ پهرين ايم فل ۽ پي ايڇ جي ڊگري جي پڙهائي ۽ ريسرچ پروگرام شروع ڪيا ويا پر بعد ۾ ملڪ جي صوبن جي ڪوٽا رکي وئي، يونيورسٽي جي بلڊنگ شروعات ۾ راولپنڊي جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ هئي، جيڪا مسواڙ تي ورتي وئي ۽ پوءِ 1971ع ۾ ان کي مستقل ڪئمپس ۾ تبديل ڪيو ويو، يونيورسٽي جو نالو قائداعظم يونيورسٽي 1976ع ۾ رکيو ويو. يونيورسٽي جي سڃاڻپ ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ انسٽيٽيوٽ آف هائير اڪيڊمڪ اسٽينڊرڊ طور آهي ۽ هن يونيورسٽي مان حاصل ڪيل ڊگري دنيا جي سڀني تعليمي ادارن ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽس ۾ قابل قبول آهي، يونيورسٽي ۾ ريسرچ پروگرام آمريڪا، يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي چونڊ ڪيل يونيورسٽين ۽ ريسرچ آرگنائيزيشن جي تعاون سان آهي. پاڪستان ۾ هن وقت پبلڪ انسٽيٽيوشن آف هائير ايجوڪيشن طور ٽاپ تي آيل يونيورسٽيز ۾ هيءَ يونيورسٽي به آهي، يونيورسٽي ۾  پڙهائيندڙ پروفيسرن مان 80 سيڪڙو پروفيسرن جي ڊاڪٽريٽ ڊگري ٻاهرين ملڪن مان حاصل ڪيل آهي، هن يونيورسٽي ۾ تعليمدان ۽ سائنسدان طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ فيڪلٽي عملي  نيشنل ايوارڊ حاصل ڪيا آهن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ به انهن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو وڃي ٿو. يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ هر سال اخبارن ۾ اشتهار اچن ٿا، جڏهن ته اتي سنڌ جي شاگردن جي هڪ تنظيم به ٺهيل آهي، جيڪا نصابي توڙي غيرنصابي سرگرمين ۾ شاگردن کي شامل ڪري ٿي، ڪيترائي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا، ان کانسواءِ اتي سنڌ جي شاگردن کي جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ به اها تنظيم وڏي مدد ڪري ٿي،  هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽس، سينٽرن ۽ فيڪلٽين ۾ هي ڊگري پروگرام هلي رهيا آهن،  فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز ۾ ڪيمسٽري ۾  ايم ايس سي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڃي ٿي، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ۽ ايم فل،  ارٿ سائنسز ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، اليڪٽرانڪس ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڃي ٿي، اهڙي طرح  انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾  ايم ايس سي،  ميٿميٽڪس ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي. فزڪس ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۽ اسٽيٽسٽڪس ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ٿي رهي آهي، ان کانسواءِ  فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۾ وري  ايڊمنسٽريٽو سائنس جي شعبي ۾ ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي، اينٿرو پولوجي ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ايم ايس سي ۽ ايم فل،  اڪنامڪس ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  هسٽري ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، انٽرنيشنل رليشنز (آءِ آر) ۾  ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڃي ٿي، جڏهن ته فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل  سائنسز ۾ وري اينيمل سائنسز ڊپارٽمينٽ ۾  ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  بائيو ڪيمسٽري ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  مائڪرو بائيولاجي ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، پلانٽ سائنسز ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  بائيو ٽيڪنالاجي ۾ ايم فل ۽ بائيو انفارميٽڪس ۾ ايم فل ٿئي ٿي. اهڙي طرح  سينٽر آف ايڪسيلينس /ريسرچ  انسٽيٽيوٽس جي سينٽر آف ايڪسيلينس  ان جينڊر اسٽڊيز ۾ ايم ايس سي،  نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف فزيالاجي ۾ ايم ايس سي ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي،  ايريا اسٽڊي سينٽر ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، ڪمپيوٽر سينٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ  ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ ان ڪمپيوٽر،  ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام ڪرايو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment