8

دوائن جي ٺهڻ ۽ وڪري بابت مضبوط قانون جڙڻ گهرجي:ڊي جي هيلٿ
صحت جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر غلام سرور چنا چيو آهي ته ماهر ڊاڪٽرن پاران دواساز ڪمپنين کان ڳريون ڪميشنون وٺڻ بابت اسان کي ڪابه شڪايت نه ملي آهي پر ذاتي طور تي آئون ان راءِ جو آهيان ته دوائن جي ٺهڻ ۽ وڪري توڙي عطائي ڊاڪٽرن خلاف مضبوط قانون جڙڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهو کي هن عذاب مان بچائي سگهجي. ڪاوش سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرن خلاف ڪا شڪايت ملندي ته ڪارروائي ڪنداسين. جڏهن ته ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن معاملن بابت صحت جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن پر پوءِ به ان معاملي تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment