6

ڊاڪٽر مسيحائي پيشي ۾ اچڻ وقت ڪهڙو حلف کڻن ٿا؟
جهڙي طرح جج، پوليس، فوج ۽ ٻين شعبن جا عملدار انهيءَ شعبي ۾ اچڻ وقت حلف کڻن ٿا، اهڙي طرح ڊاڪٽرن جو به حلف آهي، ڊاڪٽر حلف کڻڻ وقت اهو چون ٿا ته  * مريضن جي صحت منهنجي پهرين ترجيح هوندي. * جيڪي راز مونکي ٻڌايا ويندا، انهن کي راز ۾ رکندس، آئون پنهنجي مذهب، ذات پات، پاليٽڪس يا سماجي مرتبي کان مٿانهون ٿي وڏائي کي پنهنجي فرض وچ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيندس. * انساني زندگي جو هر لمحي احترام ڪندس. * ميڊيڪل جي ڄاڻ کي انسانيت ۽ قانون کان مٿانهون استعمال نه ڪندس ۽ اهي سڀ واعدا آئون پنهنجي پوري سنجيدگي ۽ آزادي سان ڪريان ٿو. اهو وچن ڪرڻ بعد پنهنجي پريڪٽس شروع ڪندڙ ڪجهه ڊاڪٽر آخر ڇو ان کي وساري مريضن جي بهترين بدران پئسا ڪمائڻ کي ترجيح ڏين ٿا اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. جيئن ته هر شعبي ۾ لاءِ اخلاقيات طئي ٿيل آهي، ائين ڊاڪٽرن لاءِ به ڊڪليئريشن آف جنيوا تحت ڪوڊ آف ايٿڪس طئي ٿيل آهي ۽ جڏهن ڪوبه ڊاڪٽر ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪندو آهي ته ان کان ان ڊڪليئريشن تحت حلف نامو کڻايو ويندو آهي.  ڊڪليئريشن آف جنيوا ۾ ڊاڪٽرن لاءِ لکيل آهي ته : (1) آئون پنهنجي پوري سنجيدگي سان عهد ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪندس، استادن جي عزت ۽ احترام ڪندس، جيڪو سندن حق آهي آئون پنهنجي پيشي جي پريڪٽس پنهنجي ضمير موجب آبرو منداڻي ۽ شانائتي نموني ڪندس.

No comments:

Post a Comment