Police failed to release the kidnapped person - Son of Kashmore

يرغمالين جي وارثن کي پوليس جا ٺلها آسرا، ڪشمور جي ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن ڀنگ به گهري ورتو

اغوا ٿيل ماڻهن جي گهرن ۾ قرآن خواني جو سلسلو هلندڙ آهي، جڏهن ته مغوين جي مائٽن پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي پنهنجي طور تي به مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٽن مغوي ڳوٺاڻن جي مائٽن سان ته ڌاڙيل رابطو ڪري ڀنگ به گهريو آهي، ان سلسلي ۾ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل ٽن ڳوٺاڻن حاجي صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي جي وارثن حاجي سلمان ميراڻي، عبدالمجيد قاضي ۽ باغ علي گولو جو چوڻ آهي ته اسان جي ٽن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ بعد بدنام ڌاڙيل سلطو شر فون ڪري يرغمالين جي بازيابي لاءِ ايس پي او ڪشمور الهوڌايو پتافي، ايس ايڇ او ڪشمور نياز فاروقي، ايس ايڇ اوز حاجي خان شر ۽ خدا بخش بروهي کي هٽائڻ ۽ گرفتار ڪيل ڌاڙيل ساٿي نارو عرف لائي شر کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته جڏهن ايس پي او ۽ ايس ايڇ او ڪشمور کي هٽايو ويو، ان بعد ڌاڙيلن ٻيهر فون ڪري چيو ته يرغمالين جي بازيابي لاءِ 5 لک رپيا ڀنگ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو. جڏهن ته اغوا ٿي ويل پروفيسر الطاف ابڙو جي ڀاءُ واجد ابڙو ٻڌايو آهي ته اسان کي ٽريڪر مان معلومات ملي آهي ته الطاف ابڙو سميت ٽنهي ماڻهن کي شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ دڙو ڀرسان اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس صرف آسرا ڏئي رهي آهي، عبدالستار کوکر جي والد شاهنواز کوکر ٻڌايو ته حڪومت توڙي انتظاميا اسان سان ڪو تعاون نه ڪيو آهي، هن وقت تائين حڪومت توڙي انتظاميا جو ماڻهو اسان تائين لڙي به نه آيو آهي، قمبر شهر جي مستوئي محلي مان هڪ هفتو اڳ  مبينا اغوا ٿي ويل پورهيت 50 سالن جي محمد ياسين رند جي وارثن حزب الله رند، امام الدين رند ۽ ٻين چيو آهي ته محمد ياسين رند هڪ هفتو اڳ گهران ڀاڄي وٺڻ لاءِ نڪتو هو، گذريل ڏينهن مغوي جي موبائيل فون تي اسان کان 50 لک رپيا ِڀنگ گهريو ويو آهي، ٻي صورت ۾ مغوي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون  آهن،  قمبر پوليس ڪا به مدد نه  ٿي ڪري ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment