Law and Order situation in KAshmore - Son of KAshmore - Sindh

ڪشمور ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، ماٿيلو واسي ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا، مغوين جو انگ 6 ٿي ويو
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : مسعود سومرو) ڪشمور ويجهو ميرپور ماٿيلو واسي ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا، ضلعي مان اغوا ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ڪشمور تعلقي جي ٿاڻي مياڻي جي حد بڊاڻي ويجهو هٿياربند ٽرڪ ڊرائيو منور جويو ۽ ڪلينر فضل عباس کي اغوا ڪري ويا، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته اغوا ٿيل ڪلينر ۽ ڊرائيور ميرپور ماٿيلو کان ڪاٺيون کڻڻ آيا هئا، جن کي اغوا ڪيو ويو آهي، سندن ٽرڪ هٿ آئي آهي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته منور جويو ۽ ڪلينر فضل عباس اصل پنجاب جا رهواسي آهن، جيڪي ميرپور ماٿيلو ۾ گل محمد عرف گلو ڪلوڙ جي ٽرڪ هلائيندا آهن، هوڏانهن ڊي پي او ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ٻڌايو ته ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو کان ڀاڙي تي آيا هئا، جن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، هن ٻڌايو ته صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي کي پنجاب جي حد مان اغوا ڪيو ويو آهي پر اهي ڪشمور ضلعي جا رهواسي آهن ان ڪري سندن بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هوڏانهن عيد جي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ شهر جي مرزانپور مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل 6 سالن جي ڌيرج ڪمار، ان کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪشمور پوليس جي حد 45 آر ڊي لڳ مڇي فارم تان اغوا ٿيل ٽن ڳوٺاڻن حاجي صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي سميت اغوا ٿيل چئن ڄڻن کي اڃا تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته ڊرائيور ۽ ڪلينر جي اغوا بعد ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل ٽن ڳوٺاڻن جي وارثن حاجي سلمان ميراڻي، عبدالمجيد قاضي ۽ باغ علي گولو ڪاوش آفيس پهچي دانهيندي چيو آهي ته ٽن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪرڻ بعد بدنام ڌاڙيل سلطو شر فون ڪري يرغمالين جي بازيابي لاءِ ايس پي او ڪشمور الهوڌايو پتافي، ايس ايڇ او ڪشمور نياز فاروقي، ايس ايڇ اوز حاجي خان شر ۽ خدا بخش بروهي کي هٽائڻ ۽ گرفتار ڪيل ڌاڙيل ساٿي نارو عرف لائي شر کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، هنن چيو ته جڏهن ايس پي او ۽ ايس ايڇ او ڪشمور کي هٽايو ويو، ان بعد ڌاڙيلن ٻيهر فون ڪري چيو ته يرغمالين جي بازيابي لاءِ 5 لک رپيا ڀنگ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment