Deceased woman Moomal died in Khairpur were buried in Kashmore - Sindhi

خيرپور جي اسپتال ۾ دم ڏيندڙ مومل جي ڪشمور لڳ تدفين


 خيرپور ۾ نندواڻي برادري جي پراڻي تڪرار تان زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويل مسمات مومل کي هٿن ۽ پيرن تي مهندي هڻي ڪشمور ضلعي جي ڳوٺ حضور بخش نندواڻي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.اي سيڪشن پوليس واقعو جو ڪيس نندواڻي برادري جي 6 جوابدارن مير هزار نندواڻي، دلدار، غلام نبي، شاهه مراد، فتح محمد ۽ گلشير نندواڻي مٿان داخل ڪري ورتو آهي. جنهن بعدپوليس مختلف ڳوٺن تي ڇاپا هڻي هڪ جوابدار مير هزار خان نندواڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪيس ۾ گھربل باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف ڳوٺن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي.

No comments:

Post a Comment