ڪنڌ ڪوٽ ۾ معصوم ڌيرج جي بازيابي لاءِ مظاهرو، علامتي بک هڙتال
ڪنڌ ڪوٽ (ن ڪ) عيد واري ڏينهن ڪنڌ ڪوٽ شهر جي مرزا پنهور محلي مان هٿيار بندن هٿان اغوا ٿيل ڌيرج ڪمار کي اڃا تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته نينگر جي بازيابي لاءِ شهري اتحاد هندو پنچائت چيمبر آف ڪامرس نوجوان هندو اتحاد پ ٽ الف، سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران نند لال، ڊاڪٽر مهر چند، انجنيئر موٽواڻي پيتامبر ۽ دليپ ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به لائبرري چوڪ تي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي گهنشام داس، گيان چند، حاجي حضور بخش مغل ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس 6 سالن جي نينگر کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري اقليتي برادري جا ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهن، ٻئي طرف جي ٽي آءِ ضلعي ڪشمور پاران ڪنڌ ڪوٽ ۾ آصف علي سومرو ، اياز محمود پنهور، الهداد ۽ ابراهم ملڪ جي اڳواڻي ۾ ڌيرج جي اغوا خلاف لائبرري چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس کي ڏوهارين جي خبر هئڻ باوجود انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هنن گهر ڪئي ته نينگر کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن قومي اتحاد ڪنڌ ڪوٽ جي هنگامي گڏجاڻي عبدالصمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ڌيرج جي اغوا جي مذمت ڪندي نينگر جي اغوا خلاف 11 آڪٽوبر تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment