موجوده حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ته نوان ايندڙ به 5 سال پورا نه ڪري سگهندا:غلام احمد بلور
راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير غلام احمد بلور چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري عاجز ۽ مسڪين آهي، موجوده حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن، نه ته ايندڙ حڪومت به 5 سال پورا نه ڪري سگهندي، راولپنڊي ۾ سفاري پنڊي کان ٽيڪسلا تائين سفاري ٽرين جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته حڪومت 5 سال پورا ڪندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته نوان ايندڙ به 5 سال پورا نه ڪري سگهندا، هن وڌيڪ چيو ته اهڙو وزيراعظم پهرين ڪڏهن به ناهي آيو، جنهن کي سڀني سياسي پارٽين اتفاق راءِ سان چونڊيو هجي، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سڀني سياسي پارٽين اتفاق راءِ سان چونڊيو هو، جن کي جلدي آهي، اهي صبر جو مظاهرو ڪن، سڀاڻي اهي به بادشاهه ٿي سگهن ٿا، ريلوي جي حالت تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اسان وٽ لوڪ موٽو ناهي، ٽرينون ڪيئن ٿا بحال ڪري سگهون.
No comments:
Post a Comment