ڊرگ انسپيڪٽرن کي به ڊاڪٽرن وانگر وڏيون ڪميشنون ڏنيون وڃن ٿيون
ڪجهه ڊاڪٽرن ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته مقامي دواساز ڪمپنين پاران 30 کان 60 سيڪڙو تائين ڏيندڙ ڪميشن ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي ڏني وڃي ٿي. ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ اهي واپاري جيڪي رڳو نالي ۽ پيڪنگ جي تبديلي سان دوائون مارڪيٽ ۾ آڻي ڪروڙين رپيا نفعو ڪمائين ٿا، انهن جي لاءِ به سخت قانون عمل ۾ آندو وڃي، جڏهن ته معياري ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جون سستيون دوائون جيڪي ميڊيڪل اسٽور وارن ڄاڻي واڻي لڪائي ڇڏيون آهن يا وري 10 رپئي واري اها دوا بليڪ تي 300 رپين ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي، ان خلاف به سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون کي حرڪت ۾ آندو وڃي، وفاقي ادارن کانسواءِ صوبائي حڪومتون به اڳتي اچن ۽ قانون تي عمل ڪرائين، ڊرگ انسپيڪٽر ۽ ريجنل ۽ ضلعي انتظاميا انهن شين تي ڪنٽرول نه ٿيون ڪن، چيو وڃي ٿو ته مختلف ضلعن ۾ جيڪي ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٿا، هاڻي ته اهي به انهن مقامي دوا ساز ڪمپنين ۽ دوائن جي ڊسٽريبيوٽرن (دوائون وڪرو ڪندڙ هول سيلر) جي اثر هيٺ اچي ويا آهن، انهن ڊرگ انسپيڪٽرن کي به ڊاڪٽرن وانگر وڏيون ڪميشنون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ نتيجي ۾ اهي پنهنجو ڪم ئي نٿا ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي جعلي دوائون وڪرو ٿيڻ به ان جو ئي نتيجو آهي، اسان وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن، جيڪي سرڪار وٽ رجسٽرڊ به ناهن پر انهن جون دوائون مارڪيٽ ۾ سرعام وڪرو ٿين ٿيون ۽ ماڻهو خريد به ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment