دوائن جون ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي موج مستي ڪرائين ٿيون ۽ عام ماڻهن کي ڦريو وڃي ٿو
ڊاڪٽرن جي ڪميشنن ۽ دوا ساز ڪمپنين جي ملي ڀڳت بابت نه رڳو صحت کاتي سان لاڳاپيل عملدار اعتراف ڪن ٿا پر ماهر پروفيسر به ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي اها گهر ڪن ٿا ته دوائن جي ٺهڻ، قيمتن ۽ وڪري لاءِ مضبوط قانون عمل ۾ آندو وڃي، ”ڪاوش“ پاران ڪيل سروي ۾ لمس سرجري شعبي جي ڊين ۽ ماهر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن صحيح ڪمپني جي دوا لکي وڃي ته ان جي قيمت ۾ ايتري واڌ نه ٿي آهي پر ڪجهه ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي موج مستي ڪرائين ٿيون ۽ انهن جي ذريعي عام ماڻهن کي ڦريو وڃي ٿو، گهٽ قيمت ۾ ڪوالٽي واريون دوائون موجود آهن پر اهي سستيون دوائون هڪ زندگي کي بچائڻ لاءِ لائيف سيونگ ڊرگس طور به ڪم اچن ٿيون، اهي هٿ سان لڪايون وڃن ٿيون پوءِ يا ته اهي بليڪ تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون يا ان جي متبادل طور مهانگيون دوائون عام ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون، هن چيو ته دوائن جي مهانگي ٿيڻ ۾ هڪ سبب سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي وڌڻ جو به آهي پر ڊاڪٽرن کي به پنهنجي اخلاقيات کي ڏسڻو پوندو ۽ سيلف آڊٽ ڪري پنهنجي ضمير کي جهنجوڙڻو پوندو، هن چيو ته ڪافي ڊاڪٽرن کي ڪمپنيون ٽارگيٽ ڏئي وينديون آهن ۽ اهي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ تي ڊاڪٽرن کي مهانگا گفٽ، گهر ، گاڏيون ۽ دنيا جا سير ڪرايا ويندا آهن پر اسان کي الله تعاليٰ جو خوف ڪرڻ کپي ۽ سرڪار کي ان لاءِ قانون سازي ڪري ڊاڪٽرن جي آڊٽ ڪرڻ کپي. اهڙي طرح ماهر پروفيسر ڊاڪٽر حسين لغاري جو چوڻ آهي ته مون ڪنهن به ڪمپني کان ڪڏهن به ڪو ذاتي فائدو نه ورتو آهي، باقي جيڪا نئين ٽيڪنالاجي اچي ٿي، ان بابت جيڪي به ڪانفرنسون ٿينديون آهن اهي دوائن جون ڪمپنيون ڪرائينديون آهن، اهو نه رڳو اسان وٽ پر سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو، رهي ڳالهه ڪمپنين کان فائدا وٺڻ جي ته مون بابت ڀلي وڃي جاچ ڪريو، مون ڪڏهن به ڪنهن ڪمپني کان ڪو ذاتي فائدو نه ورتو آهي. جڏهن ته ماهر فزيشن ڊاڪٽر بيکا رام چيو ته دوائن مهانگي ٿيڻ جو هڪ سبب ڊالر جي قيمت ۾ واڌ آهي ، اها به هڪ حقيقت آهي ته هن دور ۾ جيتريون ٻيون شيون مهانگيون ٿيون آهن اوتريون دوائون مهانگيون نه ٿيون آهن، هن چيو ته دوائن جي مهانگي ٿيڻ ۾ مقامي ڪمپنين جو هٿ ضرور آهي پر ان لاءِ به سرڪار کي قانون سازي ڪرڻ گهرجي ته جيئن دوائن جي اگهه تي ضابطو اچي سگهي، ٻي ڳالهه ته هڪ فارمولي جي 100 دوائون هونديون ته ڊاڪٽر به پريشان ٿي وڃن ٿا، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ دوائون ڪيون وڃن ته جيئن ڊاڪٽرن کي به آساني ٿي سگهي. دماغي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر دريا خان لغاري چيو ته ڊالر مهانگو ٿيو آهي ۽ دوائن لاءِ را مٽيريل ٻاهران اچي ٿو، ليبر جي ڪاسٽ وڌي آهي، ٽيڪس وڌيا آهن، ان ڪري دوائون مهانگيون ٿيون آهن، هن چيو ته دوا ساز ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي پيڪيجز ڏين ٿيون، اها به هڪ غلط ڳالهه آهي، باقي هر شعبي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرپشن ٿئي ٿي، تازو جڏهن ٻوڏ آئي آهي ته دواساز ڪمپنين کان ڪروڙين رپين جون دوائون ورتيون ويون آهن پر اسان وٽ وري ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دوائن تي نوان ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، ان ڪري به دوائون مهانگيون ٿين ٿيون. ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي چيو ته دوائن مهانگي ٿيڻ ۾ اهم سبب دواساز ڪمپنين ۽ ڊاڪٽرن جي ڳٺ جوڙ آهي جن جي ڪميشنن سبب دوائن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڪافي هنڌن تي ته ماهر ڊاڪٽر دوائن جي ڪمپنين جا پارٽنر پڻ آهن ۽ جتي اهڙو عمل اپنايو ويندو اتي عام ماڻهو لاءِ ڪيتريون پريشانيون اينديون اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي، هن چيو ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ ڊاڪٽرن تي سخت نظرداري ڪري ان لاءِ مضبوط قانونسازي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment