دوائن سان گڏ ننڍڙن ٻارن جي کاڌ خوراڪ وارين شين ۾ به وڏو اضافو
دوائن سان گڏ ننڍڙن ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪتب ايندڙ مختلف دٻي وارن کيرن ۽ سريليڪس سميت پيمپرز ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿيون آهن، ان حوالي سان ورتل ڄاڻ موجب ميڊيڪل اسٽورن تي 5 سئو کان وڌيڪ ٻارن جي استعمال لاءِ مختلف کيرن جا دٻا موجود آهن، پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هر کير جي دٻي تي ڇهه ماهي يا ساليانو نه پر 10 کان 15 ڏينهن اندر 10 کان 15 رپيا في دٻي تي واڌ ٿئي ٿي، جهڙوڪ نيڊو+1 جو دٻو ٻه مهينا اڳ 220 رپين ۾ ملندو هو ته هينئر ان جي قيمت 270 رپيا ٿي وئي آهي، اهڙي طرح سئو رپين ۾ ملندڙ ليڪٽوجن 1 ۽ ٽو جو ننڍو دٻو هاڻي ڏيڍ سئو رپين ۾ ٿي ويو آهي، سريليڪس جي قيمتن ۾ به هر ڏهين پندرهين ڏينهن 5 کان 10 رپيا واڌ ٿئي ٿي، جڏهن ته في پيمپرز تي 15 کان 20 ڏينهن اندر هڪ کان 2 رپيا واڌ ٿئي ٿي، اهڙي طرح ٻارن جي دوائن جون قيمتون به هر روز وڌي رهيون آهن، جنهن پڻ عام ماڻهو کي پريشانين جي دٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
No comments:
Post a Comment